حڪومت اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا فراهم نه ڪيا آهن: اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ

0
222

سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا جاري نه ٿي سگهيا، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن هڪ صفحي تي ٻڌل رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي

اليڪشن ڪميشن سيل ٿيل رپورٽ سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس ۾ جمع ڪرائي آهي، جيڪا چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر کي موڪلي ويندي

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن رپورٽ ۾ چيو آهي ته پنجاب جي نگران حڪومت جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي لاءِ رڳو 75 هزار اهلڪار فراهم ڪري سگهجن ٿا، پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 3 لک سڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ آهي ياد رهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چونڊن لاءِ 10 اپريل تائين فنڊ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here