بهترين حڪمت عملي سبب ڪراچي ۾ هاڻي ڪو به نوگو ايريا نه آهي: آءِ جي غلام نبي ميمڻ

0
151

آءِ جي غلام نبي ميمڻ سکر پهچي شهيد پروفيسر اجمل جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي اجمل ساوند جي وارثن آءِ جي سنڌ کي چيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن خلاف اڃا ڪا به ڪارروائي نه ٿي آهي، هن ٻڌايو ته سندن قبيلائي تڪرار سان ڪو به تعلق نه آهي

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته جوابدارن جا ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا آهن، جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو

ٻئي پاسي سکر پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جِي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ ڪجهه مسئلا آهن، ڌاڙيلن پاران مغوين جَي وارثن کي فون ڪري پوليس خلاف ڀڙڪايو پيو وڃي، ايپڪس ڪميٽي ۾ هٿيارن جَي حوالي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، چئن ضلعن ۾ ٽيهه کان مٿي ڏوهاري مارڻ سوڌو 170 ماڻهن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو آهي

هن چيو ته پهريان ٿاڻن کي بجيٽ ڪو نه ملندي هئي، هاڻي ڪراچي جي 108 ٿاڻن کي بجيٽ ملي رهي آهي، جڏهن ته اتر سنڌ جي ٻين ضلعن جي ٿاڻن جي بجيٽ لاء پروپوزل موڪليو ويندو

هن چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهي وارداتن ٿين پيون جن کي روڪڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، سنڌ حڪومت اسان جو هر موڙ تي ساٿ ڏنو آهي

هن چيو ته جنوري کان وٺي هن وقت تائين 170 ماڻهن کي اغوا ٿيڻ  بچايو آهي، اجمل ساوند پڙهيل لکيل نوجوان هيو، سندس شهيد ٿيڻ سول سوسائٽي جو وڏو نقصان آهي هن چيو ته ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪيو ويو آهي، جديد هٿيارن کي هلائڻ لاءِ تربيت سان گڏ هٿيارن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جديد هٿيارن جي خريداري بعد ڪچي ۾ آپريشن ۾ تيزي اچي ويندي، چاهيون ٿا امن امان هجي، پوليس عوام جو اعتماد بحال ڪري

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here