قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان کي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو

0
372

سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم ڀارتي نيوز چئنل سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان فيوريٽ ٽيمن ۾ شامل آهي، پاڪستان وٽ شاهين آفريدي جهڙو فاسٽ بالر آهي، جنهن مسلسل ٻيو ڀيرو پنهنجي ٽيم کي پي ايس ايل ٽرافي کٽرائي آهي، هو ڪيريئر جي بهترين فارم ۾ آهي هن وڌيڪ چيو ته حارث رئوف، نسيم شاهه، محمد حسنين، احسان الله جهڙا نوجوان ۽ پرجوش فاسٽ بالر به آهن، ڇو ته ورلڊ ڪپ ڀارت ۾ شيڊيول آهي، تنهن ڪري مون کي لڳي ٿو ته مضبوط بالنگ اٽيڪ رکندڙ ٽيم ڪامياب ٿيندي، ڇو ته اتان جون پچون بيٽرز لاءِ دوستاڻيون هونديون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here