قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت ڪيس ۾ فل بينچ جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
264

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي سلسلي ۾ سوموٽو  ورتو ويو هو  ان ڏينهن اها ڳالهه ٿي هئي ته چار ٽن جي اڪثريت سان فيصلو رد ٿي ويو. استدعا آهي ته ادارن جي عزت ۽ سلامتي رکڻ لاءِ فل بينچ جوڙي ڪيس ٻڌو وڃي

اعظم نذير تارڙ چيو ته جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس اعجازالاحسن رضاڪارانه طور تي ڪيس کان ڌار ٿيا. ڪالهه جسٽس منصور ۽ جسٽس جمال مندوخيل جو فيصلو آيو، ٻه مختلف طبقا آهن جيڪي مختلف ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ڪالهه ٻن ججز جي اختلافي نوٽ کان پوءِ اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي

قانون واري وفاقي وزير چيو ته هن ڪيس تي 13 رڪني بينچ بڻجڻ گهرجي. ڪالهه جيڪو 2 ججز فيصلو ڏنو هو انهن به ساڳئي طرف اشارو ڏنو هن چيو ته وزيراعظم به پاڻ اڪيلي سر فيصلا ناهي ڪندو، اهو به ڪابينا سان مشاورت بعد فيصلا ڪندو آهي، ادارن اندر ورهاست ۽ وسوسا ختم ڪرڻ لاءِ 13 رڪني يينچ هجڻ گهرجي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here