اداڪارا ماهرا خان سياست جي حوالي سان پنهنجي پسند جو اظهار ڪري ڇڏيو

0
504

ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ماهرا خان جي مان ۾ خاص تقريب ”هڪ شام ماهرا خان جي نالي“ رٿي وئي، جنهن جو ميزبان ناليوارو اديب ۽ دانشور انور مقصود هو

دلچسپ گفتگو دوران انور مقصود، ماهرا خان کان سوال ڪيو ته توهان ڪهڙي سياسي جماعت کي سپورٽ ڪندا آهيو؟ جنهن تي ماهرا کلندي چيو ته مان سياست ۾ ”پٺاڻ“ سان گڏ آهيان

اداڪارا چيو ته حقيقت ۾ ماڻهن ۾ ايمانداري گهٽجي وئي آهي، پنهنجي ڪم سان تمام گهٽ ماڻهو ايماندار آهن، منهنجي خواهش آهي ته جيڪو به ليڊر اچي اهو ايماندار هجي سندس چوڻ هو اڄڪلهه مان جڏهن آن لائن هوندي آهيان ۽ خبرون ڏسندي آهيان ته اچرج ۾ پئجي ويندي آهيان ڪهڙي خبر سچي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here