ٽي ٽي پي جي ماڻهن وٽ آمريڪا جا افغانستان ۾ ڇڏيل جديد اوزار آهن: خواجه آصف

0
174

بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم، تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳواڻن جي آبادڪاري عمران خان ۽ سندس حڪومت جي حڪمت عملي هئي ۽ ان آبادڪاري کي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هئي

امريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته اسلام آباد جا ڪابل ۾ حڪمران طالبان اڳواڻن سان سٺا لاڳاپا آهن پر افغان طالبان اختياريون پاڪستان تي حملن ۾ پنهنجي سرزمين جو استعمال روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا آهن، تحريڪ طالبان اڄ به پاڪستان خاص طور تي ڪي پي ۾ حملن لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪري رهي آهي

هن چيو ته ان معاملي تي هڪ مهينو اڳ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان افغانستان جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ۽ طالبان ان معاملي کي منهن ڏيڻ لاءِ عزم جو اظهار ڪيو هو، طالبان چيو هو ته هُو پنهنجي سرزمين ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ڪرڻ نه ڏيندا

بچاءَ واري وزير چيو ته عمران خان پنهنجي سڄي سياسي ڪيريئر ۾ اهو اشارو ڏيندو رهيو آهي ته هو طالبان جو نظرياتي حامي آهي، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳواڻن جي پاڪستان ۾ آبادڪاري عمران خان ۽ سندس حڪومت جي حڪمت عملي هئي ۽ ان آبادڪاري کي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هئي هن وڌيڪ چيو ته قبائلي علائقن ۽ خيبرپختونخواهه جا ماڻهو طالبان سان گڏ نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، ذڪر جوڳي ڳالهه آهي ته طالبان جي واپسي خلاف ماڻهو خالي هٿين احتجاج ڪري رهيا آهن، جڏهن ته طالبان پنهنجي ڪاميابين تي عورتن تي پابندين ذريعي نقصان پهچائي رهيا آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here