صوبي جو خادم رهيو آهيان، سرڪاري خزاني مان نه ڪڏهن پگهار ورتي نه ڪڏهن ڪو ٽِي اَي ڊِي اَي ورتو آهي:وزير اعظم

0
82

صوبي جو خادم رهيو آهيان، سرڪاري خزاني مان نه ڪڏهن پگهار ورتي نه ڪڏهن ڪو ٽِي اَي ڊِي اَي ورتو آهي، پيٽرول به پاڻ ڀرائيندو آهيان، پگهارون ۽ ٽِي اَي ڊِي اَي جي رقوم 7، 8 ڪروڙ بڻجي ٿي، جيڪو منهنجو قانوني حق آهي،“ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عدالت ۾ ٻڌڻي دوران بيان ڏيندي وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته هُن شگر ملز کي سبسڊي ناهي ڏني، جنهن سان سندسن خاندان کي ٻن ڪروڙن جو نقصان ٿيو، ڪيس ۾ مٿس 25، 25 لک رُپين جي مني لانڊرنگ جا الزام مڙهيا ويا، بيان بعد وزير اعظم عدالت کان واپسي جي اجازت گهري، عدالت وزير اعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here