اسانجي گهڙي وقت ۽ عمران جي گهڙي اوقات ٻڌائيندي آهي: مريم اورنگزيب

0
88

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته اسان جي گهڙي وقت ٻڌائيندي آهي ۽ عمران جي گهڙي اوقات ٻڌائيندي آهي.مريم اورنگزيب دعويٰ ڪئي ته قاتلاڻي حملي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪا گولي ناهي لڳي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان جي تقرير جي رد عمل ۾ مريم اونرگزيب چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ ورڪ فرام هوم آهي، عمران خان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کان آئين جي ڀڃڪڙي ڪرائي، ان باوجود ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي. سڌ سمءَ جي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته توشا خانه جي واچن جي قيمت جو غلط اندازو لڳايو ويو، عمران کي واچن جي وڪري جون رسيدون ڏيڻ گهرجن، ان حوالي سان دبئي ۽ برطانيا جي عدالتن ۾ ڇو وڃي رهيو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شهزاد اڪبر ۽ فرح گوگي واچ کي دبئي کڻي ويا، جنهن بعد واچ جي وڪري مان مليل رقم چارٽرڊ جهاز ذريعي پاڪستان آندي وئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here