عيد الفطر کان پهرين ڊالر ۽ سون جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو

0
186

مقامي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب سون ٻيهر مهانگو ٿيو آهي، سون جو في تولو ڇهه سئو رپين تائين مهانگو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ هڪ تولي جي قيمت 2 لک 18 هزار 300 رپين تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته ڏهه گرام سون جي قيمت 514 رپين جي اضافي کانپوءِ هڪ لک 87 هزار 157 رپيا ٿي وئي آهي ٻئي طرف انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ به لڳاتار اضافو جاري آهي، انٽر بينڪ ۾ ڊالر 7 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 288 رپيا پنجاهه پئسن جو ٿي ويو، گذريل ڏينهن انٽر بينڪ ۾ ڪاروبار جي پُڄاڻي تي ڊالر 288 رپيا 43 پئسن تي بند ٿيو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here