بجلي جي بلن تي 5 مختلف قسمن جي ٽيڪس وصولين جو انڪشاف

0
80

بجلي واهپيدارن کان بلن تي 5 مختلف قسمن جي ٽيڪس وصولين جو انڪشاف ٿيو آهي

اهو انڪشاف ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايف بي آر اختيارين جي بريفنگ دوران ٿيو

ايف بي آر ٽيڪس اختيارين ڪميٽي کي بريفنگ ۾ چيو ته بجلي تي 5 ٽيڪس لاڳو آهن، بجلي تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو جي بنياد تي لاڳو آهي، ايڊوانس انڪم 12 سيڪڙو جي بنياد تي لاڳو ٿيندو آهي، ٽيڪس جو بجلي بل تي امپيڪٽ 40 کان 58 سيڪڙو پوندو آهي

ناڻي بابت مملڪتي وزير چيو ته جيڪڏهن واهپيدار ٽيڪس ايڪٽو ٽيڪس پيئر لسٽ ۾ ناهي ته ٽيڪس ٻيڻو ٿي ويندو آهي، بجلي بل گهٽ ڪرڻ لاءِ ماڻهو انڪم ٽيڪس ۾ فائلر بڻجن

سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته ايف بي آر ٽيڪس مٿان ٽيڪس لاڳو ڪري رهيو آهي، ايف بي آر طرفان ماڻهن کي هراسان ڪيو پيو وڃي

ناڻي واري مملڪتي وزير چيو ته اسان ماڻهن کي معطل ڪيو ۽ ان کي روڪيو ۽ هاڻ ان جي نگراني ڪئي پئي وڃي، ٽيڪس پيئر تي هراسگي کي روڪيو ويندو، ان تي ايڪشن ٿيندو

سليم مانڊوي والا چيو ته سرڪل مان وڌيڪ نوٽيس به جاري ٿيا هئا، هاڻ ناڻي واري وزارت ايڪشن ورتو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here