پشاور اڳتي نه وڌي سگھيو، لاهور فائنل ۾ پهچي ويو

0
362

پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ايليمنيٽر ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمي کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

لاهور ۾ پشاور زلمي ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾5 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنسون ٺاهيون

پشاور جي محمد حارث 85 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، بابر اعظم 42، ڀانوڪا راجاپاڪسا 25 رنسن سان اڳڀرا رهيا

لاهور جي راشد خان ۽ زمان خان 2-2، جڏهن ته شاهين آفريدي هڪ وڪيٽ ورتي

جواب ۾ لاهور قلندرز گهربل هدف 7 بال اڳ ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو

لاهور طرفان مرزا بيگ 54، سيم بلنگز 28، سڪندر رضا 23 رنسن جي اننگز کيڏي لاهور اهڙي فتح سان فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جنهن جو مقابلو سڀاڻي ملتان سن ٿيندو، جڏهن ته پشاور جي ٽيم شڪست کانپوءِ ٻاهر ٿي وئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here