ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو

0
112

سنڌ ڪابينا صوبي ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي جي ورڇ جو اختيار سنڌ حڪومت کي ڏيڻ لاءِ سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ، بورڊ آف روينيو کي وفاقي بورڊ آف روينيو سان ڊيٽا شيئر ڪرڻ توڙي اليڪٽرڪ ويڪلز خريدڻ لاءِ صوبائي وزيرن تي ٻڌل ڪيمٽي قائم ڪرڻ سميت اهم فيصلن جي منظوري ڏني آهي

ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا ميمبرن، وڏي وزير جي صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري توڙي ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي

ان موقعي تي سنڌ ڪابينا جي 24 نڪاتي ايجنڊا تي غور ويچار ۽ فيصلن کان اڳ گذريل ڪابينا اجلاس جي منٽس جي منظوري ڏني وئي

سنڌ ڪابينا ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بي آرٽي ريڊ لائن رٿا بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ريڊ لائن رٿا ايشئين ڊولپمينٽ بينڪ ۽ ٻين ڊونر ادارن جي سهڪار سان تعمير ڪئي پئي وڃي، جنهن جو روٽ ملير هالٽ کان ملير ڪينٽ، صفوران، يونيورسٽي روڊ، نمائس کان ٽاور تائين آهي

سنڌ ڪابينا  الادين پارڪ جي 16 ايڪڙ زمين بي آر ٽي ريڊ لائين بس ڊيپو لاءِ حاصل ڪرڻ واري فيصلي جي به منظوري ڏني

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بس ڊيپو جي اپرڪنگ، بس انسپيڪشن ايريا، بسن جي فِلنگ اسٽيشن، ورڪشاپ ۽ واچ ٽاور قائم ڪيو ويندو

سنڌ ڪابينا پاران سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ واري فيصلي جي به منظوري ڏني وئي

،وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سيپرا جي قيام کان پوءِ هاڻي سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي جي ورڇ سنڌ حڪومت ڪندي، جنهن سان صوبي جي ماڻهن کي سهانگي بجلي فراهم ٿي سگهندي

سنڌ ڪابينا بورڊ آف روينيو کي وفاقي بورڊ سان ڊيٽا شيئر ڪرڻ جي اجازت به ڏني،اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊيٽا شيئرنگ رويونيو اوڳاڙي لاءِ آهي

سنڌ ڪابينا اليڪٽرڪ ويڪلز خريدڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ لاءِ تجويزون جوڙڻ جي منظوري ڏيندي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ شبير علي بجاراڻي تي ٻڌل ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي ڪابينا پاران جسٽس عبدالرسول ميمڻ ۽ ڊاڪٽر غلام رسول شاهه کي هيلٿ ڪيئر ڪمشنر مقرر ڪرڻ واري فيصلي جي پڻ منظوري ڏني وئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here