شاھد آفريدي پاران سندس نالي تي عمران خان خلاف ھلندڙ مھم رد

0
324

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان بابت بيان جي ترديد ڪندي واضح ڪيو آهي ته کيس هن گندي سياست جو حصو نه بڻايو وڃي

شاهد آفريدي جو هڪ بيان سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيو آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اڳوڻي ڪپتان عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي

آچر تي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهد آفريدي چيو ته ڪالهه کان سوشل ميڊيا تي منهنجي نالي سان عمران ڀائي بابت بيان گردش ڪري رهيو آهي جيڪو به اهو ڪري رهيو آهي اهو تمام گندي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي

هن وڌيڪ چيو ته مان هن سياست ۾ اچڻ نه ٿو چاهيان ۽ نه ئي ان جو حصو آهيان ۽ مون ۾ ايتري همت آهي جو جيڪڏهن مون کي ڪجهه چوڻو آهي ته مان پاڻ چئي سگهان ٿو

شاهد آفريدي وڌيڪ چيو ته ڪو ٻڌائي ته مان عمران خان بابت هي بيان ڪٿي جاري ڪيو آھي سندس  چوڻ ھو ته مهرباني ڪري مون کي هن سياست جو حصو نه بڻايو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here