بالي ووڊ جو ايڪشن هيرو سنجي دت شاهه رخ خان جي نئين فلم جوان جي شوٽنگ لاءِ اسٽوڊيو پهچي ويو

0
305

بالي ووڊ ڪنگ جي نئين پروجيڪٽ ”جوان“ شوٽنگ جي مرحلن ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ فلم ۾ سنجي دت ڪوميو رول ادا ڪندو

ٻئي اداڪار ايندڙ 4 کان پنج ڏينهن تائين گڏ شوٽنگ ڪندا، سنجي دت جي ڪردار بابت تفصيل اڃا سامهون نه آيا آهن

ميڊيا ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ٻنهي اداڪارن جا منظر ايڪشن سان ڀرپور هوندا ۽ هي منظر فلم جي ڪهاڻي جو اهم حصو هوندا

سنجي دت تازو ئي پنهنجي فلم ”محبت“ جي شوٽنگ بعد ڪشمير کان واپس آيو آهي

شاهه رخ خان جي نئين فلم هن سال جون ۾ رليز ٿيندي، جنهن ۾ وجي سيٿوپيٽي، سنيل گروور ۽ سانيا ملهوترا پڻ شامل آهن اهو واضح ناهي ته فلم ۾ سنجي دت ۽ شاهه رخ خان دوست هوندا يا دشمن هوندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here