پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جون سعودي عرب جي سفير ۽ ڪئنيڊا جي هاءِ ڪمشنر سان ڌار ڌار ملاقاتون

0
154

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ڪئنيڊا جي هاءِ ڪمشنر ليزلي سڪينلون ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪئنيڊا  وچ  ٻه طرفن لاڳاپل جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ڪئنيڊا سان سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ڪئنيڊا وچ ۾ سيڙپڪاري ۾ سهڪار وڌائڻ تي زور ڏنو

پرڏيهي وزير پاران پاڪستان مان افرادي قوت ڪئنيڊا کي فراهم ڪرڻ بابت به اميد جو اظهار ڪيو ويو

ان کانسواءِ بلاول ڀٽو زرداري سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو، ملاقات دوران پرڏيهي وزير سعودي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ تي سعودي قيادت جا سوٿا مڃيا  ۽ چيو ته سعودي عرب ايران سفارتي لاڳاپن جي بحالي خطي جي امن لاءِ انتهائي اهم آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here