هن حڪومت کي تڪبر ۽ وڏائيءَ ٻوڙيو آهي اڄوڪي ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ ڪارڪنن کي ڏيان ٿو:اختر مينگل

0
89

اختر مينگل جو چوڻ آهي ته ايوان، عدالتون، فوج ۽ عوام هن آئين جي ماتحت آهن، آئين اورانگهڻ واري ڪارروائي تاريخ ۾ ڪارن اکرن ۾ لکي ويندي، شاهزين بگٽيءَ جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت آئين ٽوڙيو، اعليٰ عدليا بحال ڪيو، رياست مدينا جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻائيندڙ ناڪام ٿي ويا، امير حيدر هوتيءَ جو چوڻ هو ته نه رڳو بي اعتمادي رٿ پر جمهوري نظام کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جوبائيڊن جي فون جو انتظار ڪندڙ اڄ آمريڪا خلاف نعرا پيا هڻن، آءِ ايم ايف جا ناجائز شرط مڃيندڙ اڄ آمريڪا خلاف پيا ڳالهائين

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here