آزاد ڪشمير جي هاءِ ڪورٽ پاران توهين عدالت ڪيس ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تنوير الياس کي نااهل قرار

0
288

عدالت آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي عدالت ختم ٿيڻ تائين سزا ٻڌائيندي کيس ڪنهن به سرڪاري عهدي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

عدالت آزاد ڪشمير جي نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط به لکي ڇڏيو آهي

واضح رهي ته آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ تنوير الياس کي تقريرن ۾ ڌمڪيون ڏيڻ تي اڄ طلب ڪيو هو، هو اڄ آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، سندس خلاف ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس صداقت حسين راجا جي سربراهي ۾ فل بينچ ڪئي

تنوير الياس هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي عدليا خلاف ڌمڪيون ڏيندڙ بيانن تي غير مشروط معافي گهري، ٻڌڻي دوران آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي تقريرن جا ڪلپس به هلايا ويا ۽ کائنس توهين عدالت جو اعتراف ڪرايو ويو

تنوير الياس عدالت آڏو بيان ڏنو ته سندس ڪنهن ڳالهه جو جج کي ڏک پهتو آهي ته هُو غير مشروط معافي گهري ٿو، پر عدالت سندس معافي رد ڪري ڇڏي

تنوير الياس هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ سپريم ڪورٽ پهتو، جتي چيف جسٽس راجا سعيد اڪرم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس خواجا نسيم ۽ جسٽس رضا علي خان شامل آهن

آزاد ڪشمير جي چيف جسٽس راجا سعيد اڪرم تنوير الياس کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي توهان جي ئي تقرير آهي؟ وزيراعظم جي حيثيت سان عدالتن جي معاونت ڪرڻ توهان جي ذميواري هئي، اوهان کي عدليا سان ڪو مسئلو هو ته اوهان هتي ڇو نه آيا؟ توهان اسيمبلي ۾ جيڪي ڳالهويون ڪيون، عدالت ان تي برداشت جو مظاهرو ڪيو عدالت تنوير الياس کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ٻن هفتن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here