پرڏيهي وزير سان عالمي ريسڪيو ڪميٽي جي صدر ڊيوڊ ملي بينڊ ملاقات ڪئي

0
176

ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عالمي ريسڪيو ڪميٽي وچ ۾ صحت، تعليم ۽ ترقي جي جاري رٿائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي طرفان پاڪستان ۾ قدرتي آفتن دوران خدمتون قابل تحسين آهن

هن چيو ته انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي تازي تباهي واري ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحاليءَ ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو ملاقات دوران ڊيوڊ ملي بينڊ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي جي حوالي سان سهڪار تي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here