پي ٽي آءِ استعيفائن جي تصديق لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان وقت گهري ورتو

0
76

پاڪستان تحريڪ انصاف  استعيفائن  جي تصديق  لاءِ  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر  راجا پرويز اشرف  کان  وقت طلب ڪري ورتو

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  شاهه محمود قريشي  جو چوڻ هو ته اسان جي حڪومت  کي سازش  تحت هٽايو ويو ، امپورٽڊ  حڪومت کي مسلط ڪيو ويو ،اسان قومي اسيمبلي  مان استعيفائون  ڏنيون پر اليڪشن ڪميشن  کي فارورڊ نه ڪيو ويو ،استعيفائن جي منظوري  ۾  سليڪٽيڊ  ميممبرن جون استعيفائون  منظور ڪيون ويون ، چونڊيل ميمبرن جي استعيفائن  جي منظوري  کي سياسي  مقصدن لاءِ  استعمال ڪيو ويو

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته اسپيڪر  حڪومت جي مرضي تي غيرقانوني  ۽ آئين  کان هٽي فيصلو ڪيو ، اسپيڪر  کي پي ٽي آءِ  ميمبرن جي  استعيفائن جي  تصديق  لاءِ خط  لکي ڇڏيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here