آءِ جي سنڌ سان وومين ڊولپمينٽ واري صوبائي وزير شهلا رضا ملاقات ڪئي

0
141

ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته وومين شڪايت سيل، دارالامان، ڊپارٽمينٽ جي ماتحت 23 سيف هائوسز عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن جي تحفظ ۽ کين درپيش مختلف مسئلن توڙي انهن جي حل لاءِ سرگرم آهن ۽ ان سلسلي ۾ پوليس جي مدد ۽ سهڪار جي ضرورت آهي

آءِ جي سنڌ صوبائي وزير کي خاطري ڪرائي ته پوليس عورتن کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ ۽ انهن جي حقن جي تحفظ سان گڏ انهن خلاف ٿيندڙ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي

آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايتون ڏنيون ته عورتن تي ٿيندڙ ڏوهن جي ايف آءِ آر داخل ڪري کين جلد کان جلد انصاف فراهم ڪيو وڃي هن چيو ته عورتن خلاف ٿيندڙ ڏوهن جي ڊيٽا وومين ڊولپمينٽ سنڌ کاتي سان شيئر ڪئي وڃي ته جيئن اهڙن ڏوهن جي گڏيل روڪٿام کي يقيني بڻائي سگهجي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here