وڏي وزير جي پهچڻ تي ايران جي قونصل جنرل حسن نورين سندس آجيان ڪئي، ته تقريب ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، سعيد غني ۽ شهلا رضا سميت مختلف ملڪن جي قونصل جنرلن، واپارين ۽ ٻين معززن شرڪت ڪئي
تقريب جي شروعات خوبصورت تلاوت قرآن پاڪ سان ڪئي وئي ۽ بعد ۾ ايراني گروپ نعت پڻ پيش ڪئي جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير بهترين تلاوت ۽ نعت پيش ڪرڻ تي ايراني قاري ۽ نعت خوان جي واکاڻ ڪئي
ايران جي قونصل جنرل حسن نورين وڏي وزير سميت سمورن مهمانن جي اچڻ تي ٿورا مڃيا، تقريب ۾ ايراني سفير اسلامي دنيا ۾ امن لاءِ دعا ڪئي وئي ايراني قونصل جنرل سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن جي نئين باب جي شروعات کي ڀليڪار چيو جڏهن ته ٻئي پاسي ايراني قونصل جنرل فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن جي مذمت پڻ ڪئي