ڪراچي ۾ حددخلين جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي تبديل، سنڌ جي چيف سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت جي هدايتن تي نوٽيفڪيشن جاري

0
109

سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ حددخلين جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي تبديل ڪري ڇڏي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت جي هدايتن تي نوٽيفڪيشن جاري، نوٽيفڪيشن موجب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي حددخلين جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻ جو مجاز ناهي، غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي نگراني ۾ ڪئي ويندي، سپرويزن، ضلعي ڊيموليشن ۽ سب ليول ڪميٽي جوڙي وئي، ڪمشنر، ايڊيشنل آءِ جي، ڊي جي ايس بي سي اي، آباد ڪميٽي جو چيئرمين، ڪميٽي ۾ شامل هوندا، ضلعي ڊيموليشن ڪميٽي جو چيئرمين لاڳاپيل ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر هوندو، ايس ايس پي، ڊائريڪٽر ايس بي سي اي، اسسٽنٽ ڪمشنر، سب رجسٽرار ڪميٽي جو حصو هوندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here