تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس اوڳاڙي ۾ گهٽتائي آئي آهي: مراد علي شاهه

0
127

صوبي جي ٽيڪس اوڳاڙي ڪندڙ ادارن، سنڌ روينيو بورڊ، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ بورڊ آف روينيو جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف مهم شروع ڪري کين اوپن ليٽر گاڏين جي منتقلي کان روڪين

وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ، صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب، صوبائي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن مڪيش چاولا، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ روينيو بورڊ کي 180 ارب رپيا اوڳاڙي جو هدف ڏنو ويو هو ان جي ابتڙ هلندڙ مالي سال جي رقم ۾ 22 سيڪڙو واڌ ٿي آهي

صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي صوبائي ايڪسائيز، موٽر وهيڪل ٽيڪس، ڪپهه جي فيس، انفراسٽرڪچر سيس، تفريحي ٽيڪس ۽ مختلف فيسون گڏ ڪيون، پراپرٽي ٽيڪس ۽ پروفيشنل ٽيڪس گڏ ڪري مڪاني ادارن کي منتقل ڪيو ويو آهي

صوبائي وزير مخدوم محبوب وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته بورڊ آف روينيو کي 36 ارب رپين جو هدف ڏنو ويو هو، جنهن جي ڀيٽ ۾ 10 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا آهن، تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب بحالي جو عمل متاثر ٿيو آهي مخدوم محبوب چيو ته صوبائي حڪومت ٻوڏ متاثرن کي مختلف رعايتون ڏنيون آهن، ملڪ ۾ مالي بحران سبب رئيل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ زوال جو رجحان آيو آهي، جنهن سبب ملڪيت جي منتقلي ۽ رجسٽريشن جي ڪيسن جو تناسب تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here