31 نوري سال جي پنڌ تي زمين جهڙو هڪ سيارو دريافت ڪيو ويو آھي

0
74

ستارن جي ڄاڻ رکندڙ ماهرن زمين کان 31 نوري سال جي پنڌ تي زمين جهڙو هڪ سيارو دريافت ڪيو آهي، جيڪو امڪاني طور تي زندگي جي اثرن جو حامل ٿي سگهي ٿو

وولف 1069 بي نامي هِن ايگزو پلينٽ جو وزن اسان جي زمين جيترو ئي آهي ۽ هي پنهنجي مرڪزي ستاري کان ايترو ئي پنڌ تي آهي، جيڪو پاڻي جي موجودگي لاءِ سازگار هوندو آهي

ايگزو پلينٽ اهڙي سياري کي چيو ويندو آهي، جيڪو اسان جي نظام شمسي کان ٻاهر هوندو آهي

حاصل ٿيل شاهديون اهو ٻڌائن ٿيون ته هِن ايگزو پلينٽ ۾ هڪ ماحول ۽ چڪ مڪ وارو ميدان ٿي سگهي ٿو ۽ گڏوگڏ اتي دائمي ڏينهن ۽ رات جو چڪر به ٿي سگهي ٿو

جرمني جي ميڪس پلينڪ انسٽيٽيوٽ فار آسٽرونومي جي هڪ ٽيم زندگي جي آثارن لاءِ ايگزو پلينٽ جي ڳولا ڪري رهي آهي

ڳولا ۾ سامهون آيل وولف 1069 هاڻي انهن درجنين سيارن منجهان هڪ آهي، جيڪي امڪاني طور تي زندگي جا آثار رکڻ وارن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا

اهو اندازو لڳايو ويندو آهي ته اهڙن سيارن کي ويجهي کان ڏسڻ لاءِ اڃا به 10 ورهين جو وقت گهربل آهي

سائنسدانن جو خيال آهي ته يورپين سدرن آبزرويٽري جي ويري لارج ٽيلي اسڪوپ جي جاءِ والاريندڙ ايڪسٽريملي لارج ٽيلي اسڪوپ جي مدد سان ان معاملي تي ڀرپور مدد ملي سگهي ٿي ايڪسٽريملي لارج ٽيلي اسڪوپ جي لڳائڻ جو ڪم ڏکڻ امريڪا جي ملڪ چلي ۾ جاري آهي ۽ جڏهن انهي ٽيلي اسڪوپ کي لڳائڻ جو عمل مڪمل ٿي ويندو ته اها دنيا جي سڀ کان وڏي بصري ٽيلي اسڪوپ هوندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here