وزيراعظم رهندڙ شخص توشا خانه جا تحفا وڪڻي ملڪي وقار مٽي ۾ ملائي ڇڏيو: عطا تارڙ

0
104

اسلام آباد: وزيراعظم جي خاص معاون عطا تارڙ چيو آهي ته ملڪ جي وزيراعظم رهندڙ شخص تحفي ۾ مليل گهڙيون، هيرن جا بريلسيٽ، هار، منڊي ۽ ڪنن جون واليون کائي کپائي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي ۽ کيس شرم ۽ حيا به نه آيو.

پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته قانون موجب توشه خانه جا تحفا وڪرو نه پر پاڻ وٽ رکيا ويندا آهن، ميري گهڙي ميري مرضي جي ڳالهيون ڪندڙ عمران خان تحفا وڪرو ڪري ملڪ جو وقار مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، عمران خان توشا خاني ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي، فرح گوگي پرائيوٽ جهاز ۾ دبئي وڃي هيرن جواهرن جو ڪاروبار ڪندي هئي، اربين رپين جي زيورن جي ويليو 58 لک رپيا لڳائي 29 لک رپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا.

هن چيو ته 2021ع ۾ بلغاري جو سيٽ آيو، جنهن جي قيمت 5 ملين ڊالر ٻڌائي وئي، ڪابينا رولز موجب 30 هزار کان وڌيڪ قيمت جا تحفا وڪڻي نٿا سگهجن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here