شوڪت ترين خلاف ڪيس داخل، بغاوت جا قلم به لاڳو

0
118

وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي سائبر ونگ اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي

شوڪت ترين خلاف ڪيس پيڪا آرڊيننس تحت داخل ڪيو ويو آهي، سندس خلاف ڪيس ۾ فريادي ارشد محمود ولد غلام سرور آهي

شوڪت ترين خلاف ڪيس سندس سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل مبينا آڊيو جي بنياد تي داخل ڪيو ويو آهي

ايف آءِ آر جي متن موجب، مبينا آڊيو ۾ تيمور سليم جهگڙا ۽ محمد لغاري شوڪت ترين سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن

ايف آءِ آر موجب، مبينا آڊيو ۾ بدنيتي تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، شوڪت ترين محسن لغاري کي چئي رهيو آهي ته وفاقي حڪومت کي سرپلس بجيٽ واپس نه ڪئي وڃي

اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين خلاف ڪيس ۾ بغاوت ۽ اشتعال انگيزي جا قلم به لاڳو ڪيا ويا آهن واضح رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءَ الله ٻڌايو هو ته شوڪت ترين خلاف جاچ مڪمل ٿي وئي آهي ۽ حڪومت کيس گرفتارڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ايف آءِ اي شوڪت ترين جي گرفتاري جي اجازت گهُري هئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here