شاعر، اديب ۽ ڊرامه ليکڪ امجد اسلام امجد فوت

0
95

ناميارو شاعر، اديب ۽ ڊرامه ليکڪ امجد اسلام امجد 78 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

امجد اسلام امجد 40 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، کيس پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ ستارا امتياز سميت ڪيترن ئي ايوارڊز سان پڻ نوازيو ويو

امجد اسلام امجد 4 آگسٽ 1944ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيو، هن 1967ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان ايم اي (اردو) ڪئي، 1968ع کان 1975ع تائين هو ايم اي او ڪاليج لاهور جي اردو شعبي ۾ استاد رهيو ۽ آگسٽ 1975ع ۾ امجد اسلام امجد کيس پنجاب آرٽ سان نوازيو ويو، ڪائونسل جو ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو 90ع واري ڏهاڪي ۾ امجد اسلام امجد جون خدمتون ٻيهر تعليم کاتي ۾ ورهايون ويون ۽ هو ٻيهر ايم اي او ڪاليج ۾ ٽيچنگ ڊپارٽمينٽ ۾ شامل ٿيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here