لاهور: پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو اعتماد جو ووٽ قبول ڪندي کيس ڊي نوٽيفڪيشن آرڊر واپس وٺي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي عهدي تان هٽائڻ واري گورنر پنجاب جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس عابد عزيز شيخ پڇاڻو ڪيو ته ڇا گورنر اعتماد جي ووٽ کان مطمئن آهي، جنهن تي پنجاب جي گورنر جي وڪيل چيو ته اعتماد جي ووٽ جو رڪارڊ عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي. جسٽس عابد عزيز شيخ پرويز الاهي جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر کان پڇيو ته توهان ڇا چوندا؟ فلور ٽيسٽ ٿي چڪي آهي، ڇا توهان اها درخواست ٻڌڻ لاءِ زور ڀريندا؟
بيريسٽر علي ظفر چيو ته آئون ان نقطي تي تفصيلي دليل ڏيڻ چاهيان ٿو، اسان وٽ ووٽ موجود آهن، هي معاملو اصول جو آهي، گورنر کي ڪارڻ ٻڌائڻ گهرجن ها. وڪيل چوڌري پرويز الاهي چيو ته بظاهر ته درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي، گورنر جو نوٽيفڪيشن قانون موجب نه هو.
جسٽس عابد عزيز شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته ووٽ وٺڻ کانپوءِ هڪ مسئلو حل ٿي ويو آهي، آرٽيڪل 137 تحت اعتماد جو ووٽ ورتو ويو آهي، هاڻ معاملو اهو رهي ٿو ته گورنر جو نوٽيفڪيشن درست هو يا نه؟ جسٽس عاصم حفيظ چيو ته جيڪڏهن توهان چئو ته گورنر جو حڪم غير قانوني آهي ته پوءِ معاملو آخر تائين وڃي پهچندو، جڏهن ته جسٽس عابد عزيز شيخ چيو ته جيڪڏهن گورنر جي حڪم کي ڏسڻو آهي ته پوءِ سڀ ڪجهه ڏسڻو پوندو، چڱو ٿيو، گورنر کي راضي ڪرڻ لاءِ اعتماد جو ووٽ ورتو.