عمران خان توشا خانا ڪيس ۾ عدالت ۾ پيشي لاءِ حاضري لڳائي جڊيشل ڪامپليڪس کان روانو

0
165

عمران خان جي گاڏي جڊيشل ڪامپليڪس پهچڻ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو به وڏو انگ پهچي ويو ۽ انهن عدالتي احاطي ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس طرفان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پوئتي هٽائڻ لاءِ لٺبازي ڪئي وئي

شبلي فراز ۽ فرخ حبيب به پوليس جي لٺبازي جي وڪڙ ۾ اچي ويا، پوءِ شبلي فراز کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ عدالت جي چوڻ تي کيس ڇڏيو ويو

عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪندي چيو ته ٻڌايو اهڙي صورتحال ۾ ڇا ڪجي، عمران خان کي گاڏي ۾ ئي عدالتي حاضري لڳائڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي سيشن جج ظفر اقبال عمران خان جي گاڏي ۾ حاضري لڳائڻ جي اپيل منظور ڪندي چيو ته عمران خان کان گاڏي ۾ ئي عدالتي حاضري جون صحيحون ورتيون وڃن ڪارڪنن طرفان جڊيشل ڪامپليڪس کان ٻاهر نه وڃڻ تي عمران خان گاڏي ۾ ئي عدالتي حاضري لڳائي واپس هليو ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي مڇريل ڪارڪنن عدالت ٻاهران لڳايل بيريئر ٽوڙي ڇڏيا ۽ هڪ گاڏي کي به باهه ڏئي ڇڏي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here