عورت جج کي ڌمڪين جو ڪيس، عمران خان خلاف دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي، عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته لکيل بيان کي رڪارڊ نه آندو ويو آهي، بيان کي جاچ جو حصو نه بڻايوويو، پوليس غلط بياني ڪئي، هُو جاچ آفيسر کان درخواست ڪندو ته ٻڌائي ته ڇو ٿاڻي تي گهرائي رهيو آهي، جي آءِ ٽي ۽ جاچ آفيسر کي ٻه ڀيرا بيان لکي ڏنو آهي، جڏهن کان هي پوليس آئي آهي وڪيلن کي ٿاڻي تي وڃڻو پئجي رهيو آهي، اهو طئي ڪري وٺن ته جاچ ڪرڻي آهي يا هُو هراسمينٽ چاهين ٿا، ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته اهو جي آءِ ٽي ۽ جاچ آفيسر کي طئي ڪرڻو آهي ته جاچ جو طريقو ڪهڙو هوندو، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي