لاهور جي دهشٽگردي ٽوڙ عدالت ٽن مختلف ڪيسن ۾ عمران خان جي چار مئي تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

0
260

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان خلاف ٽن مختلف ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۽ وڊيو لنڪ ذريعي حاضري جي درخواست تي ٻُڌڻي ٿي

ان موقعي تي عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته حالتون اهڙيون هُجن ته وڊيو لنڪ تي حاضري ٿي سگهي ٿي، ڇا توهان کي ڪو اعتراض آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته کيس ڏهن کان پندرهن منٽ ڏنا وڃن، هُو عدالت جي معاونت ڪندو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ڪو حوالو مليو ته هُو پيش ڪندو

عدالت سرڪاري وڪيل کان پُڇاڻو ڪيو ته ڇا خطري جي ليول اها ئي آهي، جيڪا عمران خان جو وڪيل ٻڌائي رهيو آهي، جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته پوليس فائل موجب عمران خان کي ڪو خطرو ناهي

عدالت سرڪاري وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان چئي رهيا آهيو ته ٿريٽ ليول اهڙو ناهي، جنهن بابت ٻي ڌر اظهار ڪيو؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته سندس ڄاڻ موجب اهڙو ڪجهه به ناهي

بعد ۾ عدالت عمران خان کي وڊيو لنڪ ذريعي اڄوڪي ٻڌڻي ۾ شرڪت جي اجازت ڏئي ڇڏي

عمران خان جي وڪيل عيد کانپوءِ تاريخ ڏيڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت چيو ته باقي جوابدارن سان گڏ تاريخ ڏينداسين عدالت عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن جي چار مئي تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here