شهباز گِل ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ بعد عدالت ۾ پيش

0
69

ادارن خلاف اتساهڻ جي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شهباز گِل کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. شهباز گِل کي ڊيوٽي ميجسٽريٽ عمر شبير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي عدالت ڏانهن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، اُن موقعي تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن عدالت ٻاهران مسلم ليگ ن خلاف نعريبازي به ڪئي. ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ شهباز گِل کي ادارن خلاف چر ڏياريندڙ بيان ڏيڻ ۽ اُنهن جي سربراهن خلاف بغاوت تي اتساهڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here