پيٽرول جي قيمتن ۾ 15 رُپين تائين گهٽتائي جو امڪان

0
80

وفاقي سرڪار پيٽرول جي قيمتن ۾ 15 رُپين تائين گهٽتائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو، اوگرا ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ ليوي نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ليوي نه وٺڻ جي صورت ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 12 کان 15 رُپين تائين لاٿ اچي سگهي ٿي، اوگرا اختيارين سمري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، سمري سڀاڻي تائين تيار ڪري ناڻي واري وزارت کي موڪلي ويندي، وزير اعظم 15 آگسٽ تي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here