سيدالاوليا حضرت علي عليه السلام جِي شهادت جو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايوويو

0
61

لاهور ۾ مبارڪ حويلي تان برآمد ٿيل ماتمي جلوس پنهنجي منزل تي نهر ٿيو

ڪراچي ۾ حضر مولا علي عليه السلام جي شهادت ڏهاڙي جي سلسلي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس منجهد 12 هين وڳي نشتر پارڪ کان برآمد ٿيو جيڪو پنهن مقرر وقت تي منزل تي پهتو

جلوس جي رستي هڪ هزار کان وڌيڪ ڪنٽينر رکي روڊ سيل ڪيا ويا هئا، انتظاميا موجب جلوس جي نگراني لاءِ رستن ۾ 450 کان وڌيڪ ڪئميرائون لڳايون ويون هيون، جلوس ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، جلوس پنهنجي روايتي رستن نيو ايم اي جناح روڊ، صدر ايمپريس مارڪيٽ، ريگل چوڪ کان ٿيندو لائيٽ هائوس ۽ بولٽن مارڪيٽ کان کارادر ۾ واقع قديمي امام بارگاهه حسينيا ايرانيا وٽ نهر ٿيو

حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جَي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ به ماتمي جلوس برآمد ڪري مولائي ڪائنات کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ماتمي جلوسن ۽ مجلسن لاءِ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا بدين مٽياري، ٺري ميرواهه، ڪرمپور، ڏوڪري بخشاپور ۽ ٻين شهرن ۾ حضرت علي عليه السلام جِي شهادت جو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here