پاڪ فوج جي توهين جو سوچي به نه ٿو سگهان:شهباز گل

0
106

ادارن خلاف اتساهڻ جو ڪيس، پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي ڪورٽ مارشل جي آپشن تي غور، اسلام آباد جي عدالت پوليس جي وڌيڪ جسماني رمانڊ واري درخواست تي فيصلو ساڍي ڏهين وڳي تائين محفوظ ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران شهباز گل پاران جج آڏو قميص مٿي ڪري تشدد جون دانهون، چيلهه تي ڌڪ جا نشان ڏيکاريا، شهباز گل چيو آهي ته بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ڪوهسار ٿاڻي بدران ٻئي هنڌ رکيو ويو آهي، سڄي سڄي رات ننڊ ڪرڻ نه ٿي ڏني وڃي، مون تي تشدد جي ميڊيڪل رپورٽ به فرضي ٺهرائي وئي آهي، ڏوهاري نه پر پروفيسر آهيان، پاڪ فوج جي توهين جو سوچي به نه ٿو سگهان، ڪيس جي جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته خانگي ٽي وي جي پروگرام جي سي ڊي ورتي آهي ۽ شهباز گِل جي آڊيو ميچ ٿي وئي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here