جهاز 30 پائليٽ 80 ڇا ڪندا؟: سپريم ڪورٽ پاران پي آءِ اي جي وڌيڪ ڀرتين واري درخواست رد

0
109

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پي آءِ اي ۾ 80 پائليٽس سميت 250 ڀرتين جي درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ پي آءِ اي ۾ ڀرتين جي اجازت لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي،

قومي ايئر لائن عدالت کان وڌيڪ 250 ملازم ڀرتي ڪرڻ جي اجازت طلب ڪري ورتي. عدالت تفصيل طلب ڪري ورتا ته نون ملازمن کي پگهارون ڪٿان ڏنيون وينديون؟ انهن کي ڪهڙن عهدن تي ۽ ڇو ڀرتي ڪرڻو آهي؟ بزنس پلان  ۽ روينيو جا تفصيل به ٻڌايا وڃن. عدالت قومي ايئر لائن جي 80 پائليٽس سميت 250 ڀرتين جي فوري اجازت ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت نون جهازن جي رستن ۽ ادائيگي جا تفصيل به طلب ڪري ورتا.

جسٽس مظاهر نقوي چيو ته يورپ، آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت پي آءِ اي جا سمورا روٽس بند ٿي چڪا آهن، باقي ملڪي اڏام لاءِ پي آءِ اي ۾ ڪير ويهڻ نٿو چاهي. جسٽس اعجاز الاحسن اهو به چيو ته جڏهن جهازن جو ڪل تعداد 30 آهي ته وڌيڪ 80 پائليٽ ڇا ڪندا؟وڪيل پي آءِ اي سلمان اڪرم راجا چيو ته پي آءِ اي پنج نوان جهاز خريد ڪرڻ چاهي ٿي، سپريم ڪورٽ 2018ع ۾ ڀرتين تي پابندي لڳائي هئي، 2019ع ۾ حج آپريشن لاءِ ڀرتين جي اجازت ڏني وئي هئي، سپريم ڪورٽ جي حڪم سبب پاڻمرادو ڀرتيون نه ٿا ڪري سگهون، سال 2018ع کان هن وقت تائين 6 هزار ملازم نڪري به چڪا آهن.

چيف فنانشل آفيسر پي آءِ اي جو چوڻ هو ته ڪل 370 پائليٽس هئا، جن مان 34 ڄڻن استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، پي آءِ اي 11 مهينن ۾ 154 ارب رپيا ڪمايا، موجوده آپريشن جا سمورا خرچ پاڻ برداشت ڪري رهيا آهيون، پي آءِ اي وٽ 20 جهاز آهن جڏهن ته 10 ليز تي آهن، پي آءِ اي جا 7 جهاز انٽرنيشنل آپريشن ۾ حصو وٺندا آهن.
جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته فنانشل آفيسر ته خوبصورت تصوير ڪشي ڪئي آهي پر حقيقتون اهڙيون ناهن، ادارو مشڪل سان پنهنجا خرچ پورا ڪري رهيو آهي، جهازن لاءِ پيسا ڪٿان ڏيندو؟ ائين نه ٿئي جو پي آءِ اي حڪومت کان جهازن جي قسطن ۽ پگهارن لاءِ گرانٽ گهري، 6 هزار ملازمن کي فارغ ڪرڻ کانپوءِ هاڻي وري اتي ڀرتي ڪري صورتحال کي خرابي طرف وٺي وڃڻ چاهيو ٿا. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي جنوري جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here