پنجاب حڪومت جو 100 يونٽ بجلي مفت ڪرڻ وارو روشن گهرانه پروگرام معطل ڪري

0
96

اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت جو 100 يونٽ بجلي مفت ڪرڻ وارو” روشن گهرانه“ پروگرام معطل ڪري ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته حمزه شهباز 100 يونٽ بجلي مفت ڪرڻ وارو روشن گهرانه پروگرام جو اعلان ڪيو اهو اعلان اليڪشن کانپوءِ به ٿي پيو سگهي.روشن گهرانه پروگرام بابت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن 17 جولاءِ ننڍي چونڊ تائين پنجاب حڪومت جو روشن گهرانه پروگرام معطل ڪري ڇڏيو آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته ضمني اليڪشن بعد بيشڪ پروگرام شروع ڪيو وڃي.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪنهن به چونڊن جي شفافيت تي شڪ نه هئڻ گهرجي.اليڪشن ڪميشن کي آرمي، رينجرز ۽پوليس جو سهڪار حاصل آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here