پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو، عمران نيازي جي خواهش ساڻس گڏ قبر ۾ ويندي: اسحاق ڊار 

0
164

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ڊفالٽ نه ڪندو، پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ واري خواهش عمران نيازي سان گڏ قبر ۾ ويندي

اسلام آباد ۾ وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن سان گڏ نيوز ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ رڪارڊ قرض ورتا

هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ڊفالٽ نه ڪندو، پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ واري خواهش عمران نيازي سان گڏ قبر ۾ ويندي

اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو، ڏيڍ سال ته انهن کي اهو فيصلو ڪرڻ ۾ لڳي ويو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو آهي يا نه؟ هي 25 هزار ارب جو قرض 40 هزار ارب تائين کڻي ويا

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سندن لاءِ حڪومت وٺڻ جو فيصلو ڏکيو هو، اتحادي حڪومت سياست تي رياست کي ترجيح ڏني، جڏهن ته عمران نيازي پاڪستانين کي بطور قوم ڪرپٽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته عمران خان رپئي جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، هاڻي پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جون ڪوڙيون خبرون پکيڙيون پيون وڃن پر پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ڊفالٽ نه ڪندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here