پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيندڙ جو ووٽ شمار نه ٿيندو: سپريم ڪورٽ

0
96

سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس تي پنهنجي راءِ ڏيندي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به اسيمبلي ميمبر کي ووٽ ڏيڻ کان نه ٿو روڪي سگهجي پر پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيندڙ جو ووٽ ڏيندڙ جو ووٽ شمار نه ٿيندو.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي هيٺ پنج رڪني بينچ آرٽيڪل اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن جو اڄ 3-2 سان فيصلو جاري ڪيو ويو آهي.سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ڪنهن به اسيمبلي ميمبر کي ووٽ ڏيڻ کان نه ٿو روڪي سگهجي پر پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيندڙ جو ووٽ ڏيندڙ جو ووٽ شمار نه ٿيندو.فيصلو ٻڌائيندي چيف جسٽس چيو ته وٽن سوال آهي ته ڦرِيل ميمبر جو ووٽ ڳڻيو وڃي يا نه ته آرٽيڪل 63 اي کي اڪيلو نٿو پڙهي سگهجي، آرٽيڪل 63 اي ۽ آرٽيڪل 17 سياسي پارٽين جي حقن جو تحفظ ڪري ٿو، يقينن ڦِري وڃڻ هڪ ڪينسر آهي، جيڪو سياسي پارٽين کي غير مستحڪم ڪري سگهي ٿو ۽ پارلياماني جمهوريت کي ڊاهي پٽ ڪري سگهي ٿو.چيف جسٽس چيو ته سياسي پارٽيون جمهوريت جو بنياد آهن، سياسي پارٽين جي حقن جو تحفظ ڪنهن به ميمبر جي حقن کان مٿانهون آهي، ان لاءِ جيڪڏهن ڪو ميمبر پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏئي ٿو ته اهو نه ڳڻيو ويندو.سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي وارو سوال واپس پارليامينٽ ڏانهن اماڻيندي چيو ته ريفرنس ۾ به نااهلي جو سوال پڇيو ويو هو، نااهلي جي مدت پارليامينٽ جو اختيار آهي، پارليامينٽ کي قانون سازي ڪرڻ گهرجي.جسٽس مظهر عالم ۽ جسٽس جمال مندوخيل اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو ۽ نوٽ لکيو ته آرٽيڪل 63 اي ۾ ڏنل نتيجا ڪافي آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڦري ويندو ته اهو ڊي سيٽ ٿي ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here