روس، يوڪرين سان مشروط طور ڳالهين لاءِ راضي

0
107

ماسڪو: روسي صدارتي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آهي ته روس، بيلاروس جي راڄڌاني منسڪ ۾ يوڪرين سان ڳالهين لاءِ تيار آهي.  روس جي سرڪاري خبرن جي ايجنسي RIA نووستي موجب، اهي ڳالهيون يوڪرين جي “غير جانبدار” ٿيڻ کانپوءِ ٿينديون. واضح رهي ته روس چاهي ٿو ته يوڪرين  نيٽو ۾ شموليت کي هميشه لاءِ وساري ڇڏي.

يوڪرين جي صدر تازو ئي روس کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي، پر اهو واضح ناهي ته هو پيوٽن سان انهن شرطن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. منسڪ ان ڪري اهم آهي ڇاڪاڻ ته 2014 ۾ اوڀر يوڪرين ۾ ٿيل تڪرار جي حل لاءِ اتي ئي امن معاهدو طئي ٿيو هو پر روسي صدر جي يوڪرين تي حملي کانپوءِ لڳي ٿو ته پيوٽن اهي معاهدا ڦاڙي چڪو آهي. ان کان اڳ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو هو ته جيستائين يوڪرين جي فوج هٿيار ڦٽا نه ڪندي تيستائين ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here