باجوه عمران خان جي ڪهڙي طرح مدد ڪئي سڀ سامهون اچي رهيو آهي: وزيراعظم

0
75

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي کي ڀرپور قوت سان اقتدار تي ويهاريو ويو پر هن ڪجهه نه ڪيو ۽ پاڪ فوج جي ڪوششن کي ضايع ڪيو

هزارا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي منصوبي جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هزارا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ٺاهڻ عوام جو پراڻو مطالبو هو، جيڪو پورو ٿي چڪو آهي، هيءَ ڪمپني هاڻ پيسڪو کان ڌار ٿي چڪي آهي، سوئي گئس جا منصوبا جلد پورا ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن

هن چيو ته نواز شريف ملڪ ۾ 20-20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، گارگند ۾ عمران خان جو ڪو مقابلو ناهي، عمران خان پاڪستان جي سماج کي تباهه ڪري ڇڏيو

سندس چوڻ هو ته عمران خان ڄنگهه تي ڄنگهه رکي ويٺو رهيو ۽ ڪجهه نه ڪيائين، گئس ۽ بجلي جي معاملي ۾ به بدترين غفلت ڪئي وئي، عمران خان عوامي ترقي لاءِ هڪ سِرَ نه لڳائي، جنرل (ر) قمر جاويد باجوا عمران خان جي مدد ڪئي، عمران نيازي کي ڀرپور قوت سان اقتدار تي ويهاريو ويو، جنرل (ر) باجوا ڪيئن عمران خان جي مدد ڪئي اهو سڀني جي سامهون اچي رهيو آهي

وزيراعظم چيو ته عمران خان پاڪ فوج جي ڪوششن کي ضايع ڪيو، گڏوگڏ 60 اربن جي سيڙپڪاري ڪندڙ دوست ملڪ چين تي الزام هڻي سي پيڪ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو، عمران نيازي پراڻن دوستن کي ڪاوڙايو، اسان دوست ملڪن سان لاڳاپا بهتر بڻائي رهيا آهيون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here