هاڻوڪي حڪومت فاشسٽ آهي، جلسي جي اجازت نه ملي ته لانگ مارچ جو اعلان ڪري سگهجي ٿو،“ شيخ رشيد چيو آهي ته هاڻوڪي حڪومت ڊڪٽيٽر حڪومت کان به اڳتي نڪري وئي آهي، ماڻهو لانگ مارچ طرف وڇي رهيا آهن، جلد اعلان ٿي سگهي ٿو، طاقت جو استعمال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ وڌيڪ اُڀرندي، 17 کان 18 مئي تائين پي ٽي آءِ جون گرفتاريون شروع ڪيون وينديون، حڪومت انارڪي طرف وڌي رهي آهي ۽ ملڪي حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿي، ملڪ ڏڦيڙ ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ ڊيفالٽ ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ايندڙ 15 ڏينهن اهم آهن