پنجاب حڪومت  پي ٽي آءِ وارن کان واپس وٺي اسلام آباد ويندس:راڻا ثناءُ الله

0
85

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پنجاب حڪومت  پي ٽي آءِ وارن کان واپس وٺي   اسلام آباد ويندس

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته وڏي وزير کي 20 کان 22 ڏينهن مليا هئا، معزز عدالت پرويز الاهي کي رليف ڏنو، جيڪو پنجاب جي عوام کي ڳچي ۾ پيو، هن روز اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي، سندس سڄو ڌيان ماسٽر پلان جي منظوري تي رهيو، اسان جي عدالت کي اپيل آهي ته ڪيس جو جلد فيصلو ڏئي ته جيئن اقليتي حڪومت عوام تي مڙهيل نه رهي

هن چيو ته عمران خان ملڪي سياست ۾ هڪ ناسور آهي، جنهن ماڻهن کي بدتميزي سيکاري، منهنجي گاڏي کي جوتو هنيو ويو ۽ جوتو هڻندڙ کي اسان جي ڪارڪنن ڏاڍو ماريو، جنهن جو مون کي افسوس آهي پر اهو ته ويچارو مظلوم ۽ بي وس انسان جي هٿان گمراهه ٿيو هو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان فتني جو خاتمو ڪيو وڃي

سندس چوڻ هو ته پرويز الاهي وٽ اڪثريت ناهي، هو ڪنهن به صورت ۾ اعتماد جو ووٽ نٿو وٺي سگهي، اسان وٽ 179 ميمبر آهن ۽ رن آف اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا، تحريڪ انصاف ميمبر اسان جو ساٿ ڏيڻ چاهين ٿا پر سپريم ڪورٽ جو فيصلو رنڊڪ آهي، هاڻ اهي اعتماد جو ووٽ نه ڏئي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here