تڪبندين بابت اليڪشن ڪميشن جيڪو فيصلو ڪندي، قبول هوندو: مراد علي شاهه

0
81

سيوهڻ: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته تڪبندين بابت ايم ڪيو ايم جو موقف اليڪشن ڪميشن آڏو رکيو آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عمل ڪنداسين.

سيوهڻ ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته هر ڪنهن کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو حق آهي ۽ تڪ بندين بابت ايم ڪيو ايم جو پنهنجو موقف آهي، ان حوالي سان خالد مقبول صديقي ۽ گورنر جو بيان مون ناهي ٻڌو ايم ڪيو ايم جو موقف اليڪشن ڪميشن آڏو رکي ڇڏيو آهي، هاڻي اليڪشن ڪميشن جيڪو فيصلو ڪندي، اهو قبول ڪنداسين.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اڄ صدر آصف زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي رهيو آهي، اجلاس ۾ اياز صادق سميت اسان جا سمورا اتحادي شرڪت ڪندا، صدر زرداري سان ملڪي صورتحال بابت مشاورت ڪنداسين.

مراد علي شاهه چيو ته معيشت ۾ مسئلا آهن ۽ اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا، اسان جو امپورٽ بل تمام گهڻو وڌي ويو آهي، اسان سڀني کي پنهنجي تياري ڪرڻي پوندي، مون کي يقين آهي ته وزيراعظم وٽ تجربيڪار ٽيم آهي، معيشت جي بهتري لاءِ صوبن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here