پاڻي معيشيت جي ساهه واري رڳ آهي، سنڌ کي 42 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو ويو: صوبائي وزير ڄام خان شورو

0
82

صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته پاڻي معيشيت جي ساهه واري رڳ آهي، هلندڙ سال سنڌ کي 42 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو ويو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته اِرسا اِن رڪارڊ ٻڌايو ته هن ڀيري 22 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ٿيندي، اسان وٽ 50 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ رهي.هن چيو ته اپريل مهيني ۾ تمام گهڻي پاڻي جي کوٽ رهي، سدائين اپريل ۾ سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏنو ويو پر هن سال 42 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو ويو.سندس چوڻ هو ته سکر بئراج تي وفاقي وزير خورشيد شاھه ۽ ارسا جو چيئرمين آيو ته اسان انگ اکر ڏنا، هاڻي به ٻه لک ڪيوسڪ پاڻي سسٽم ۾ موجود آهي.صوبائي وزير چيو ته ارسا مان سازش جي ڌپ اچي رهي آهي، سنڌ ۾ ڏڪار جي صورتحال آهي، پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here