آمريڪي ڪانگريسي ميمبر پاران پاڪستان جي امداد وڌائڻ لاءِ ايوان جي نمائندن کي خط لکي ڇڏيو

0
61

آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر شيلا جيڪسن  پاڪستان جي امداد وڌائڻ لاءِ پرڏيهي معاملن  واري ڪميٽي کي خط لکي ڇڏيو

پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي کي موڪليل خط ۾ شيلا جيڪسن چيو ته ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي امداد کي وڌايو وڃي

ڪانگريسي ميمبر مطالبو ڪيو ته پاڪستان کي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ 6 سئو ملين ڊالر ڏنا وڃن

شيلا جيسڪن چيو ته آمريڪا 2005ع ۾ زلزلي ۾ متاثرن جي مدد لاءِ پاڪستان کي 5 سئو ملين ڊالرڏنا هئا هن دفعي به اهڙي طريقي سان وڌيڪ امداد موڪليو وڃي

هن چيو امداد ڏيڻ سان پاڪ آمريڪا لاڳاپا مظبوط ٿيندا، جڏهن  ته اهڙي طرقي سان ڪيئي انساني زندگيون بچي وينديون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here