ڪنڌڪوٽ ۾ مغوي عورت ۽ سندس ڌيءَ جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاھرو

0
190

ڪنڌڪوٽ مان 40 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ڳورهاري عورت نازيه کوسو ۽ سندس معصوم ڌيءُ ڪوثر کوسو جي بازيابي لاءِ عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي

ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ ثناءُ ﷲ کوسو، فاروق نائچ، سعيد کوسو، حميد کوسو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ ھي سواليه نشان آهي ته ھڪ ڳورھاري عورت پنهنجي معصوم نياڻي سميت اغوا ٿي وڃڻ کي ڏيڍ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري ويو  آهي

پوليس جي رٽ ڪمزور بڻيل ۽ ڏوهارين کي سپورٽ ملڻ سميت بااثر طبقي ۽ ڪشمور ضلعي جي چونڊيل نمائندن جي خاموشي انتھائي افسوس جوڳي آهي، هنن چيو ته هن وقت تائين مغوي عورت جي وارثن وٺ چونڊيل نمائندن سميت ڪير به لڙي ناهي پهتو، ۽ عورت جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي مظاهرين سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري مغوي عورت ۽ نينگري کي بازياب ڪرايو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here