امتحانن دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي: اسماعيل راهو

0
94

يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري صوبائي وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحانن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري بورڊز مريد رحمان، ڪراچي، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، سکر ۽ حيدرآباد جي نمائندن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ڪاپي ڪلچر جي روڪٿام، هيٽ ويو ۽ سڪيورٽي انتظامن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي سمورن امتحاني مرڪزن ۾ شاگردن ۽ استادن جي موبائيل فون کڻي وڃڻ تي پابندي هوندي.ان موقعي تي بورڊس واري وزير اسماعيل راهو چيو ته موبائل فون کڻي ايندڙ شاگردن کي امتحاني مرڪزن مان ڪڍيو ويندو، جڏهن ته شاگردن کي ڪلاس رومز ۾ ٿڌو پاڻي فراهم ڪرڻ جون سهولتون پڻ فراهم ڪيون وينديون.اسماعيل راهو چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا 7 لک 26 هزار 979 شاگرد امتحان ڏيندا، ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ لاءِ امتحاني مرڪزن جي اندر ۽ ٻاهر سڪيورٽي سخت ڪئي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه ڊويزنن ۾ 1312 امتحاني مرڪز ۽ 112 ويجيلنس ٽيمون جوڙيون ويون آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here