سنڌ ۾ ڪي به افغان ٻار قيد ناهن، سوشل ميڊيا جون خبرون غلط آهن: شرجيل ميمڻ

0
85

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪي به افغاني ٻار قيد ناهن، سوشل ميڊيا جا فواهه غلط آهن.

صوبائي وزير پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا تي ٽن ڏينهن کان هڪ تصوير هلي آهي ته افغاني ٻار جيل ۾ قيد آهن، اسان جاچ ڪئي آهي ته اهڙو ڪجهه به ناهي، مون معلوم ڪيو ته لانڍي جيل ۾ ٻارن جو جيل ئي ناهي

. شرجيل ميمڻ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته غيرقاني طور ملڪ ۾ رهڻ تان گرفتار 129 افغان عورتون ۽ 178 ٻار قيد آهن، هي سموريون افغان عورتون غيرقانوني طور پاڪستان ۾ رهڻ تي گرفتار ٿيون هيون،

هن چيو ته 7 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي ماءُ سان گڏ رکڻ جو قانون آهي، انهن کي قيدي نه چيو ويندو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here