خيرپور ناٿن شاهه ڌارين جي آبادڪاري خلاف ۾ عوامي تحريڪ پاران احتجاج

0
74

ڪي اين شاهه ۾ عوامي تحريڪ پاران وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ  سنڌ ۾  ڌارين جي آبادڪاري ۽ مهانگائي جي خلاف ھٿن ۾ بينر ۽ جھنڊا کڻي ڪميونٽي سينٽر کان سٽي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ عوامي تحريڪ، سندياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏوگڏ ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماهه نور ملاح، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو ۽ ٻين چيو ته وفاق کي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جو ڪوبه حق ناھي، سنڌ اندر غير قانوني رھائشي ڪالونيون ٺاھڻ لاءِ غريب ماڻھن جي زمينن تي قبضا ڪري کين بي گھر ڪرڻ بند ڪيو وڃي.

ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، سنڌ ۾ ٻوڏ عوام کي معاشي طور پريشان ڪري ڇڏيو آهي، مهانگائي ۾ واڌ سبب پورهيت طبقو آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهي. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌين کي بي گھر ڪرڻ لاءِ زمينن تي قبضا ڪرڻ بند ڪيا وڃن ۽ هٿرادو مهانگائي تي ضابطو آڻي پورهيتن کي ڌکيائين کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here